خان واهي وارو ٺل

خان واهي وارو ٺل (ماڳ): هي ٺل ڀت جبل جي الهندين ٽڪرين مان وهي ايندڙ قدرتي چشمن واري واهيءَ جي ڪناري گورانڊي ماٿري ۾ واقع آهي. موجوده جاگرافيائي حد بندين جي لحاظ کان هي علائقو سيوهڻ تعلقي ۾ اچي ٿو. هي علائقو ٽڪري نما مٿانهين تي آهي، جنهن جي ڀرسان لڳ ڏکڻ ۾ زمين يا ماٿري آهي، جيڪا برساتن کان علاوه چشمن مان وهي ايندڙ واهيءَ تي آباد ٿيندي آهي.
گورانڊي نالي ماڳ تي اين. جي. مجمدار قديم تهذيب جا آثار لڌا هئا ۽ ماڳ کي گرانڊي-اي ۽ گرانڊي-بي نالو ڏنو هئائين ۽ هتي کيس هڪ ٺل نظر آيو هو، جنهن لاءِ لکي ٿو ته ”گاجي شاهه کان ست ميل ڏکڻ ۾ گرانڊي جي دڙن وٽ، جتي هڪ چشمي جي واهي وهندڙ هئي، اتي هڪ دڙو غازي شاهه جي ٺل طور ڄاتو ٿي ويو، انهن دڙن ۾ هڪ ’A‘ جيڪو 15 فٽ (دڙي مٿان) اوچو هو، وچ ۾ سڌو چوٽ وٽ لسو ۽ پاسن کان پٿرن جون سرون يا ٽڪر لڳل هئا ۽ ٺل مٿان کان مخروطي نموني جڙيل هو.“
هن ٺل جي ڀرسان ڪنهن دور ۾ ٽي ويران ڪمرا به جڙيل هئا. ٺل تي چڙهڻ لاءِ ڏکڻ طرف کان ڏاڪڻ هئي، جيڪا اٽڪل ٽي فٽ ويڪري هئي. ٺل سڄو پٿرن جي ٽڪرن سان جڙيل هو، ٺل جي چوٽي لڳ ڀڳ پنج فٽ کن ويڪري هئي. ٺل جي گولائي وارو گهيرو 8 فٽ کن قطر تي مشتمل هو. ٺل جي لڳ جاين جا آثار هئا، جيڪي ٻڌ پروهتن جي رهائش لاءِ جڙيل هئا. هن علائقي ۾ ڪافي ماڳ گاجي شاهه جي نالي پٺيان سڏجن ٿا. هي ٺل به سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ بعد ۾ گاجي شاهه جي ٺل سان سڃاپجڻ ۽ سڏجڻ لڳو. هتي گاجي شاهه جو جنڊ به رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو